فيس بڪ پاران لائيو فيچر لاءِ فين ڪلب ايپ تي ڪم جاري

نيويارڪ: مشهور سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ پنهنجي لائيو وڊيو فيچر لاءِ هڪ نئين ايپليڪيشن تي خاموشي سان ڪم ڪري رهيو آهي، فين ڪلپ ايپ نالي اها ايپليڪيشن مشهور شخصيتن کي پنهنجي آڊينس کي انگيج ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، بدقسمتي سان فيس بڪ فين ڪلپ کي استعمال ڪندڙن لاءِ فعال نه ڪيو ويو آهي، ڪمپني ان ايپليڪيشن جو سارٽ ڪٽ لائيو وڊيو ۾ ٽيسٽ ڪري رهي آهي، ان کي ڏسڻ لاءِ لائيو وڊيو تي وڃي گو لائيو جي بٽن کي دٻايو ان کانپوءِ ڪنيڪٽ جو آپشن چونڊيو، اهڙي واهپيدار جن وٽ اهو فيچر ايڪٽو ڪيو ويو هوندو انهن کي اتي ساڄي پاسي ٽائيٽل ۽ وڊيو گيم فيلڊ جي هيٺان فين ڪلب ايپ جو آپشن نظر ايندو، فيس بڪ خاموشي سان گهڻين ايپليڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي، سيپٽمبر ۾ فيس بڪ وڊيو گروپ ايپ بون فائر به جاري ڪئي هئي.